سياڻو ڪوري

سياڻو ڪوري

سياڻو ڪوري

سياڻو ڪوري (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان ڇپيل ٻاراڻي ادب جي سلسلي جو پنجون ڪتاب آهي، جيڪو سنڌ جي نامياري اديب عطا محمد ڀنڀري انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ٻارن جي وندر ۽ سکيا لاءِ ست مختصر ڪهاڻيون جن ۾: ’سياڻو ڪوري‘، ’نئون نسل‘، ’وينجهار ۽ اجگر‘، ’انڌي لالچ‘، ’منگهان ۽ ديوي‘، ’ٽي دوست‘ ۽ ’آخري ڪهاڻي ’اڇو دنبو‘ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ڏاهپ ۽ بهادري سان گڏ اخلاقي ۽ ناصحانه نڪتن واريون ڳالهيون پڻ بيان ڪيل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نواز علي شوق جو لکيل آهي.
رنگـيـن ٽائيـٽل، ڪـچـي جـلـد ۽ ڊيمي سائيز سان هيءُ ڪتاب 48 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1995ع ۾، سـنڌي لئنگئيـج اٿارٽي، حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جي قيمت 15 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو